ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج، ڌرڻو

2 Min Read

حيدرآباد (ذاڪر لغاري) ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام کي پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ جي امڪاني فيصلي خلاف آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين جي سڏ تي حيدرآباد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.

مرڪزي صدر حليمان لغاري جي اڳواڻي ۾ نڪتل احتجاجي ريلي ۾ وڏي انگ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي مطالبن جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هو گذريل 24 سالن کان صحت کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن، پر هاڻي سندن پروگرام کي خانگائڻ طرف ڌڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جيل ڪاٽي چڪا آهيون ۽ تشدد به برداشت ڪيو آهي، پر هاڻي سندن پروگرام کي پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ جي صورت ۾ ساڻن ظلم ڪيو پيو وڃي.

اڳواڻن الزام هنيو ته پي پي ايڇ آءِ هڪ ناڪام ادارو آهي ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام کي ان ۾ ضم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو طرفان شروع ڪيل ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام کي پي پي ايڇ آءِ ۾ ضم ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پروگرام کي پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ جو امڪاني فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment