گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ مينهون خان ڄامڙو ۾ هٿياربندن جي حملي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اطلاعن موجب، جوابدارن فائرنگ ڪري ڀورل ڄامڙو کي نشانو بڻايو، جنهن دوران جسم جي مختلف حصن ۾ ڇرا لڳڻ سبب هو زخمي ٿي پيو. زخمي کي فوري طور گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج جاري آهي.
ڊاڪٽرن موجب، زخمي جي جسم جي مختلف حصن ۾ ڇرا لڳا آهن ۽ کيس طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت اطلاع ملڻ بعد زخمي کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس موجب، وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ڪئي ويندي


