اَي آءِ ذريعي مواد تيار ڪري ساک کي نقصان پهچايو ويو، پريتي زنٽا عدالت پهچي وئي

2 Min Read

ممبئي ( ويب ڊيسڪ )  بالي ووڊ اداڪارا ۽ آءِ پي ايل فرنچائز پنجاب ڪنگز جي شريڪ مالڪ پريتي زنٽا پنهنجي سڃاڻپ جي غيرقانوني استعمال، مصنوعي ذهانت (AI) سان تيار ڪيل ڊيپ فيڪ وڊيوز، تبديل ڪيل تصويرن ۽ ٻين ڊجيٽل مواد خلاف بمبئي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

51 ورهين جي پريتي زنٽا گوگل، ميٽا، ڊومين رجسٽرارز ۽ ٻين ڌرين خلاف داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس اجازت کانسواءِ سندس تصويرون، سڃاڻپ ۽ مشابهت استعمال ڪري AI ذريعي جعلي ۽ تبديل ٿيل مواد آن لائن ڦهلايو ويو، جنهن سان سندس شهرت ۽ رازداري متاثر ٿي آهي.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران بمبئي هاءِ ڪورٽ گوگل ۽ ميٽا کي هدايت ڪئي آهي ته هو اهڙو مؤثر نظام تيار ڪن، جنهن ذريعي غيرقانوني ۽ قابل اعتراض مواد کي سڃاڻي فوري طور هٽايو وڃي، جڏهن ته قانوني ۽ حقيقي مواد محفوظ رهي.

پريتي زنٽا جي وڪيل عدالت کان درخواست ڪئي ته سڀني ويب سائيٽن ۽ آن لائن پليٽ فارمن کي نشاندهي ڪيل غيرقانوني مواد فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو عمل سندس شخصي، اخلاقي ۽ رازداري وارن حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

ٻئي طرف گوگل ۽ ميٽا جي وڪيلن عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪمپنيون اهڙا لنڪس هٽائڻ لاءِ تيار آهن، جن ۾ تبديل ٿيل يا فحش نوعيت جو مواد موجود هجي، پر ان لاءِ درخواستگذار کي مخصوص URL فراهم ڪرڻا پوندا. هنن عدالت کان اها به درخواست ڪئي ته اهڙو وسيع حڪم جاري نه ڪيو وڃي، جنهن تحت آن لائن پليٽ فارمن کي هر وقت سموري مواد جي نگراني ڪرڻي پوي.

ٻڌڻي دوران جسٽس مادھو جمادار ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جو هر حڪم اهڙي نموني تيار ٿيڻ گهرجي، جو صرف غيرقانوني ۽ قابل اعتراض مواد هٽايو وڃي، جڏهن ته حقيقي ۽ قانوني آن لائن مواد متاثر نه ٿئي.

Share This Article
Leave a Comment