ڪراچي: هلندڙ سال مختلف هنڌن تان 13 عورتن سميت 200 لاش مليا

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هلندڙ سال مختلف هنڌن تان 13 عورتن سميت 200 ڄڻن جا لاش مليا.

ايڌي فائونڊيشن موجب، اهي لاش روڊن، ندي ڪنارن، جهنگ ۽ خالي جڳهين مان مليا، انهن لاوارث لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، نه ئي موت جو ڪارڻ سامهون آيو.

ايڌي فائونڊيشن موجب، جولاءِ مهيني جي 4 ڏينهن ۾ 3 مردن جا لاش مليا آهن.

انگن اکرن موجب، جنوري ۾ 31 مردن ۽ 2 عورتن، فيبروري ۾ 23 مردن ۽ هڪ عورت، مارچ ۾ 22 مردن ۽ 3 عورتن، اپريل ۾ 30 مردن، مئي ۾ 40 مردن ۽ جون ۾ 41 مردن ۽ 7 عورتن جا لاش لاوارث حالت ۾ مليا.

ايڌي عملدارن موجب، انهن مان گهڻو ڪري نشي جا عادي به هئا.

Share This Article
Leave a Comment