ممبئي (ويب ڊيسڪ): ڀارت جي رياست مهاراشٽر جي شهر ممبئي ۾ تيز برسات سبب عام زندگي مڪمل طور متاثر ٿي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن ممبئي ۾ تيز برسات پئي، جنهن دوران 12 ڪلاڪن ۾ مختلف علائقن ۾ لڳ ڀڳ 200 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سبب اڪثر علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
تيز برسات سبب ڪيترن ئي هنڌن تي ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته وڻ ڪِري پيا، ڪجهه گهرن کي نقصان پهتو ۽ ڪيترائي روڊ به متاثر ٿيا. ٽرينن جي اچ وڃ پڻ متاثر ٿي.
برسات جو سلسلو ٿاني، پالگھر، ممبئي ۽ پوني تائين پکڙيل هو.
رپورٽن موجب پوني ۾ لينڊ سلائيڊنگ جا واقعا به پيش آيا، جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
شهر جي ميونسپل ڪارپوريشن موجب اوڀر وارن علائقن ۾ صبح 8 کان رات 8 وڳي تائين 186 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، جڏهن ته اولهه وارن علائقن ۾ 168 ملي ميٽر ۽ آئلينڊ سٽي ۾ 129 ملي ميٽر برسات پئي.


