ڪنڌڪوٽ: رسالدار شاھي واھ ۾ ٻڏي ويل ٻن نينگرن مان هڪ جو لاش هٿ

1 Min Read

ڪنڌڪوٽ: (شاهد ڀنگوار) رسالدار شاھي واھ ۾ ٻڏي ويل ٻن نينگرن مان هڪ نينگر جو لاش 24 ڪلاڪن بعد هٿ اچي ويو آهي.

ڪنڌڪوٽ جي رسالدار شاھي واھ ۾ ٻڏي ويل نوجوان لالو گولو جو لاش 24 ڪلاڪن کان پوءِ ڳهڻو شاخ ڀرسان مقامي ماڻهن جي مدد سان هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي نينگر جو لاش هن وقت تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي.

ضروري قانوني ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي. ٻئي نوجوان جي ڳولا لاءِ لاڳاپيل ادارن پاران آپريشن جاري آهي۔

Share This Article
Leave a Comment