ملير: (شاهد حسين) ابراهيم حيدري ۽ شرافي ڳوٺ پوليس غير قانوني طور رهندڙ افغانين خلاف ڌار ڌار ڪارروايون ڪندي 3 عورتن سميت 11 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايس ايڇ او ابراهيم حيدري چيڪنگ دوران 5 ۽ ايس ايڇ او شرافي ڳوٺ 6 افغانين کي گرفتار ڪيو.
گرفتار ٿيلن کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ قانوني ڪارروائي بعد افغان ڪيمپ منتقل ڪيو ويو آهي.


