نوشهرو فيروز: مٺياڻي باءِ پاس تي ڪوچ جي ٽڪر ۾ 60 ورهين جو پيرسن فوت

1 Min Read

نوشهرو فيروز: (محمد عادل عباسي) مٺياڻي باءِ پاس پوليس لائين ڀرسان روڊ ڪراس ڪندڙ 60 ورهين جي پيرسن کي تيز رفتار ڪوچ زوردار ٽڪر هنيو، جنهن سبب پيرسن موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.

پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ قادر بخش ملاح پٽ جمع خان مير بحر، رهواسي ڳوٺ جمع خان مير بحر، تعلقو نوشهرو فيروز طور ٿي آهي.

موٽروي پوليس لاش سول اسپتال نوشهرو فيروز منتقل ڪيو، جتي لاش مرده خاني ۾ رکيل آهي. اطلاع موجب اڃا تائين فوتي جا وارث اسپتال نه پهتا آهن.

پوليس ٻڌايو ته ڪوچ ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته وارثن جي پهچڻ بعد قانوني ڪارروائي ۽ ڪيس داخل ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment