زيارت ۾ دهشتگردن جو پوليس تي حملو، ٻن ايس ايڇ اوز سميت 9 اهلڪار شهيد

1 Min Read

زيارت/ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): بلوچستان جي ضلعي زيارت جي علائقي ڪڇ مانگي فيز ٿري ۾ دهشتگردن پوليس تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ذريعن موجب ايس ايڇ او سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو آهي.

ايس پي زيارت قدوس دهوار موجب، دهشتگردن ۽ پوليس وچ ۾ گذريل رات کان فائرنگ ۽ مقابلو جاري رهيو، جنهن دوران پوليس اهلڪارن سخت مزاحمت ڪئي.

شهيدن کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال زيارت منتقل ڪيو ويو آهي. شهيدن ۾ ايس ايڇ او مانگي محمد حسين ۽ ايس ايڇ او ڪواس صحبت خان پڻ شامل آهن.

ذريعن موجب، حملي کانپوءِ مغوين جي بازيابي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ ۽ وڌيڪ ڪارروائي جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment