ڪراچي (ويب ڊيسڪ): شارجه کان ڪراچي ايندڙ هڪ نجي ڪارگو جهاز ڪراچي کان لڳ ڀڳ 155 ناٽيڪل ميل اولهه، اورماڙا ويجهو سمنڊ مٿان ريڊار تان گم ٿي ويو آهي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (پي اي اي) جهاز سان رابطي جي ڪٽجڻ جي تصديق ڪندي سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
پي اي اي موجب جهاز شام 7 لڳي 12 منٽن تي اڏام ڀري هئي ۽ رات 9 لڳي 20 منٽن تي ڪراچي پهچڻو هو، پر رات 9 لڳي 32 منٽن ڌاري ان سان رابطو ختم ٿي ويو.
هوابازي ذريعن موجب بوئنگ 737-400 قسم جو جهاز (فلائيٽ KTA1732، رجسٽريشن AP-BOI) 34 هزار فٽ جي اوچائي تي اڏام دوران نيويگيشن سسٽم ۾ خرابي جو اطلاع ڏنو. ڪراچي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول جهاز کي هدايتون ڏنيون، پر ڪجهه ئي دير بعد جهاز اوچتو ساڄي پاسي مڙيو، تيزي سان هيٺ ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ ريڊار تان غائب ٿي ويو. جهاز سان بار بار رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ڪو به جواب نه مليو.
لاپتا جهاز ۾ پنج ڄڻا سوار هئا، جن ۾ پائلٽ محمد رضوان ادريس، فرسٽ آفيسر فيصل محمود جتوئي، لوڊ ماسٽر محمد توفيق خان، ايئرڪرافٽ انجنيئر محمد حامد ۽ ايئرڪرافٽ انجنيئر محمد عارف صديقي شامل آهن.
ذريعن موجب جهاز فني مرمت لاءِ پنج ڏينهن اڳ شارجه ويو هو ۽ مرمت کانپوءِ خالي فيري فلائيٽ ذريعي ڪراچي واپس اچي رهيو هو.
واقعي کانپوءِ پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه ۽ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي گڏيل سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. پاڪ بحريه جو جهاز پي اين ايس ذوالفقار، پاڪ فضائيه جو ساب جهاز، پاڪ بحريه جو اي ٽي آر جهاز ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جو واپاري جهاز لاهور به ڳولا واري مهم ۾ شامل آهن.
پي اي اي جي ترجمان موجب جهاز سان ريڊار ۽ مواصلاتي رابطو هڪ ئي وقت ڪٽجي ويو، جنهن بعد ريسڪيو ڪوآرڊينيشن سينٽر کي فوري طور فعال ڪيو ويو ۽ سمنڊ ۾ وسيع پيماني تي ڳولا جاري آهي.


