گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) گمبٽ ۾ ايف آءِ اي سکر زون عوامي شڪايتن تي وڏي ڪاروائي ڪندي ست ڊوائيس هولڊرن کي گرفتار ڪري سکر منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
تفصيل موجب، ايف آءِ اي سکر زون جي ٽيم انسپيڪٽر سهيل احمد ۽ سب انسپيڪٽر صدام سومرو جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال روڊ تي قائم مختلف دڪانن تي ڇاپا هنيا. ڪاروائي دوران بشير ناريجو، شوڪت ميمڻ، فياض لاکو ۽ آصف ميمڻ سميت مختلف ڊوائيس سينٽرن تان مجموعي طور ست ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
ايف آءِ اي موجب ڇاپن دوران ڪيترائي بايو ميٽرڪ ڊوائيس، لاڳاپيل رڪارڊ ۽ نقد رقم پڻ تحويل ۾ ورتي وئي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ سکر منتقل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته کين عوام طرفان شڪايتون مليون هيون ته ڪجهه ڊوائيس هولڊر سرڪاري امدادي پروگرامن تحت مستحق عورتن کي ملندڙ رقم مان غيرقانوني طور ڪٽوتي ڪري رهيا هئا. انهن شڪايتن جي بنياد تي ڇاپا هنيا ويا ۽ ستن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
عملدارن موجب گرفتار ٿيل جوابدارن کان تفصيلي جاچ جاري آهي ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ حقيقتون ۽ قانوني ڪارروائي بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو.


