گمس اسپتال ۾ وڌيڪ 3 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جو شڪ

2 Min Read

گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (گمس) جي ٻارن واري وارڊ ۾ وڌيڪ ٽي ٻار ايڇ آءِ وي جي شڪ ۾ داخل ڪيا ويا آهن، جنهن بعد وارڊ ۾ اهڙن شڪي ٻارن جو انگ وڌي پنج ٿي ويو آهي.

اسپتال ذريعن موجب، داخل ڪيل ٻارن ۾ 14 مهينن جو محمد فريد، 5 سالن جو علي شير ۽ 8 مهينن جو شعيب شامل آهن. ٽنهي ٻارن جا رت جا نمونا پي سي آر ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويا آهن، جڏهن ته حتمي رپورٽن جو انتظار ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب، گذريل ڪجهه مهينن دوران علائقي مان ايڇ آءِ وي جا شڪي ڪيس رپورٽ ٿيڻ سبب والدين ۽ شهرين ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته صحت کاتي طرفان بيماري جي ممڪن ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

شهرين سنڌ جي وڏي وزير ۽ صوبائي صحت واري وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي گمبٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طبي ٽيمون موڪليون وڃن، اسڪريننگ ۽ جاچ جو عمل تيز ڪيو وڃي ۽ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ مؤثر اپاءَ ورتا وڃن.

واضح رهي ته اسپتال ۾ داخل ٿيل ٻارن بابت ايڇ آءِ وي جي حتمي تصديق پي سي آر رپورٽن اچڻ کان پوءِ ئي ممڪن هوندي، تنهن ڪري هن وقت انهن کي شڪي ڪيس قرار ڏنو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment