ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جو اوڀر وارو پاڙيسري ملڪ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث آهي.
ڪوئيٽا ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾فيلڊ مارشل آرمي چيف جنرل عاصم منير، گورنر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سميت وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ دهشتگردي جا سنگين واقعا ٿيا آهن، جن جي نتيجي ۾ پوليس، پاڪ فوج جا جوان ۽ شهري شهيد ٿيا.
هن ٻڌايو ته مختلف ڪارروائين ۾ 54 دهشتگرد ماريا ويا ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي.
وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن لازوال قربانيون ڏنيون آهن، سموري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي. شهباز شريف چيو ته اسان جو اوڀر وارو پاڙيسري دهشتگردي ۾ ملوث آهي، دهشتگرد تنظيمن کي هٿيار فراهم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته دهشتگرد افغان سرزمين استعمال ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم چيو ته سياسي ۽ عسڪري قيادت جو عزم آهي ته اسان کي ملي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻو آهي، ان فتني کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪم آندا ويندا.


