ڪراچي: سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، بندش پيل تنظيم جا 2 مبينا دهشتگرد گرفتار

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) ڪراچي انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائي ڪري بندپابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي جي نعيم بخاري گروپ سان لاڳاپيل ٻن مبينا انتهائي گهربل دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ جميل انصاري ۽ سندس پٽ حماد علي انصاري شامل آهن، جن جا نالا سي ٽي ڊي جي ريڊ بڪ ۾ به شامل هئا. ترجمان موجب ٻئي جوابدار ڪيترن ئي دهشتگردي جي ڪيسن ۾ گهربل هئا ۽ مبينا طور ڪراچي ۾ ٻيهر سليپر سيل منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

سي ٽي ڊي موجب ڪارروائي دوران جوابدارن وٽان 4 بارودي سليب، 5 ڊيٽونيٽر، 10 ميٽر پرائما ڪارڊ، هڪ ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائس ۽ پستول جا 5 ڪيچر هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته محمد جميل انصاري مبينا طور افغانستان مان آءِ اي ڊي ۽ سرڪٽ ٺاهڻ جي تربيت حاصل ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن خلاف 2013ع ۾ ڪورنگي ۾ رينجرز جي گاڏي تي آءِ اي ڊي حملي، ڪراچي ايئرپورٽ حملي سميت ٻين دهشتگردي جي ڪيسن ۾ به رڪارڊ موجود آهي.

سي ٽي ڊي موجب جاچ دوران جوابدارن جا مبينا لاڳاپا قوال امجد صابري ۽ هڪ ملٽري پوليس اهلڪار جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ استعمال ٿيل نيٽ ورڪ سان پڻ سامهون آيا آهن.

ترجمان موجب گرفتار جوابدارن خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي ۽ کانئن پڇا ڳاڇا ذريعي ٻين مبينا ساٿين تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment