اسلام آباد/( ويب ڊيسڪ ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٽيليفون تي رابطو ڪري خطي جي تازي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ايران جي نيم سرڪاري نيوز ايجنسي تسنيم موجب، عباس عراقچي آمريڪي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته اهي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ اسلام آباد ميمورنڊم آف انڊرسٽينڊنگ جي ڀڃڪڙي آهن.
ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ايران ڪنهن به آمريڪي جارحيت خلاف مضبوطي سان بيٺو رهندو. هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪي اختيارين معاهدي تي عمل نه ڪيو ته اهو واشنگٽن جي جنگي پاليسين جو تسلسل سمجهيو ويندو.
عباس عراقچي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا طرفان وڌيڪ فوجي ڪارروائي ڪئي وئي ته ايران پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جي دفاع کان هرگز پوئتي نه هٽندو.
نوٽ: خبر ۾ شامل بيان ۽ دعوائون ايران جي نيم سرڪاري نيوز ايجنسي تسنيم ۽ ايراني پرڏيهي وزير جي موقف تي ٻڌل آهن.


