اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر موقف اختيار ڪيو آهي ته ڀارت 1960ع واري سنڌ طاس ٺاهه جي روح ۽ شقن ٻنهي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جنهن سبب پاڪستان جي آبي تحفظ کي سنگين خطرا درپيش آهن.
پاڪستان موجب ڀارت جا آبي بجلي منصوبا، تڪراري انجنيئرنگ ڊزائن ۽ سنڌ طاس ٺاهه کي هڪ طرفي طور “غير اثرائتو” قرار ڏيڻ وارو فيصلو معاهدي جي ابتڙ آهي. پاڪستان جو چوڻ آهي ته عالمي بينڪ جي سرپرستيءَ ۾ ٿيل هن ٺاهه تحت اوڀر وارا درياهه راوي، بياس ۽ ستلج ڀارت جي حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته اولهه وارا درياهه سنڌ، جهلم ۽ چناب تي بنيادي حق پاڪستان جو آهي.
اسلام آباد جو موقف آهي ته ٺاهه تحت ڀارت کي اولهه وارن درياهن جو رڳو محدود استعمال، جهڙوڪ پيئڻ جو پاڻي، گهريلو ضرورتون، محدود آبپاشي ۽ رن آف دي ريور طرز جا آبي بجلي منصوبا ٺاهڻ جي اجازت آهي، پر پاڻي روڪڻ، رخ موڙڻ يا مقرر حد کان وڌيڪ ذخيرو ڪرڻ جي اجازت ناهي.
پاڪستان ڪشن گنگا، بگليهار، رتلي، پڪل دل، ڪوار، تُلبل نيويگيشن، ڪيرو، ڪرٿائي ون ۽ ڪرٿائي ٽو سميت ڪيترن ئي ڀارتي منصوبن تي اعتراض ڪندي چوي ٿو ته انهن جي ڊزائن ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت سنڌ طاس ٺاهه جي شقن سان ٽڪراءُ ۾ آهي، جڏهن ته ڀارت انهن اعتراضن کي رد ڪري ٿو.
پاڪستان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 2025ع ۾ پهلگام حملي کانپوءِ ڀارت طرفان سنڌ طاس ٺاهه کي عارضي طور معطل يا غير اثرائتو قرار ڏيڻ معاهدي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته ٺاهه ۾ ڪنهن به ڌر کي هڪ طرفي طور معاهدو معطل ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي.
پاڪستان اهو به الزام لڳايو آهي ته ڀارت آبي انگ اکرن جي ڏي وٺ محدود ڪري رهيو آهي ۽ ڪجهه ڊيمن ۾ سيڊيمينٽ فلشنگ وارا قدم اڳواٽ اطلاع کانسواءِ کڻي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت جو موقف آهي ته سندس سڀئي آبي منصوبا سنڌ طاس ٺاهه موجب آهن ۽ حفاظتي حالتن سبب ڪجهه فيصلا ضروري هئا.
پاڪستان جو چوڻ آهي ته سنڌ طاس ٺاهه جو تحفظ ٻنهي ملڪن جي استحڪام ۽ سنڌو درياهه جي نظام تي ڀاڙيندڙ ڪروڙين ماڻهن جي آبي مستقبل لاءِ انتهائي ضروري آهي.


