اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته وڏن شهرن ۾ وڌندڙ نائٽ پارٽي ڪلچر، منشيات جو استعمال ۽ ان کانپوءِ غير محفوظ جنسي لاڳاپا ايڇ آءِ وي جي وڌندڙ ڪيسن جا اهم سبب بڻجي رهيا آهن.
سينيٽ جي انساني حقن ۽ صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته نائيٽ پارٽين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڳڻتي جوڳو آهي. سندس چوڻ هو ته منشيات جي استعمال کانپوءِ نوجوانن ۾ غير محفوظ جنسي رويا ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءَ ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيا آهن، جنهن تي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته حڪومت آبادي جي تيز واڌ تي ضابطو آڻڻ ۽ پيدائشي صحت جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف ان معاملي تي سنجيده آهي ۽ ان لاءِ لاڳاپيل وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي باقاعدي ڪم ڪري رهي آهي.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته موجوده اين ايف سي ايوارڊ ۾ وسيلن جي ورهاست جو 82 سيڪڙو حصو آبادي جي بنياد تي ٿئي ٿو، جنهن سبب صوبن کي آبادي وڌائڻ جي اڻ سڌي همٿ ملي ٿي، جڏهن ته پاڙيسري ملڪن ۾ اها شرح 17 سيڪڙو آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته موجوده مالي سال جي بجيٽ ۾ حمل روڪ دوائن تي سڀ ٽيڪس ختم ڪيا ويا آهن، جنهن سان انهن جي دستيابي وڌندي ۽ آبادي جي سالياني واڌ ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ لک ماڻهن تائين گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملڻ جي اميد آهي.
وفاقي وزير موجب پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 67 لک ٻار پيدا ٿين ٿا، تنهنڪري آبادي تي ضابطو آڻڻ ۽ پيدائشي صحت بابت اثرائتين پاليسين تي عمل ضروري بڻجي ويو آهي.


