آئرلينڊ ۽ انگلينڊ هٿان سيريز ۾ ڀارت کي بدترين شڪست، بي سي سي آءِ رانديگرن تي ناراض

3 Min Read

ممبئي (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۽ آئرلينڊ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي لڳاتار خراب ڪارڪردگي کانپوءِ بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ اِن انڊيا (بي سي سي آءِ ) ٽيم جي ڪارڪردگيءَ جو تفصيلي جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري ديو اجيت سائڪيا چيو آهي ته ٽيم جي انگلينڊ ۽ آئرلينڊ جي دوري کان واپسي بعد اهم رانديگرن ۽ ٽيم مئنيجمينٽ سان گڏ جائزي وارو اجلاس ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ انگلينڊ ۾ ناڪامين جا سبب ۽ خاميون پرکيون وينديون.

واضح رهي ته ڀارت لڳاتار ٻه ٽي ٽوئنٽي سيريزون هارائي چڪو آهي. پهريون ڀيرو آئرلينڊ هٿان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست ملي، جڏهن ته انگلينڊ خلاف ٽرينٽ برج ۾ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جي تاريخ جي وڏي شڪست به برداشت ڪرڻي پئي.
پنجن ميچن جي سيريز ۾ هڪ ميچ باقي هئڻ باوجود سيريز اڳ ئي انگلينڊ پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.
اسڪاٽلينڊ جي شهر ايڊنبرگ ۾ آءِ سي سي جي سالياني ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ديواجيت سائڪيا چيو ته موجوده ڪارڪردگي ٽيم جي معيار موجب ناهي، پر عالمي ڪرڪيٽ ۾ اهڙا دور ايندا رهندا آهن ۽ ان کي رو هڪ خراب مرحلو سمجهڻ گهرجي.

تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ڀارتي رانديگر پرڏيهي ڪنڊينشن سان هم آهنگ ٿيڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري رهيا آهن.
آءِ پي ايل جي اورينج ڪيپ هولڊر وڀيَو سورياونشي به پنهنجي شروعاتي ٽن عالمي ميچن ۾ رڳو 14، 13 ۽ 15 رنسون ٺاهي سگهيو.

ورلڊ ڪپ کانپوءِ سوريا ڪمار يادو جي جاءِ تي ڪپتان بڻيل شرياس اَئيَر جي قيادت ۾ ڀارت اڃا تائين ڪا به ميچ نه کٽي آهي.

سندس اڳواڻي ۾ کيڏيل 6 ميچن مان ڀارت 5 ۾ شڪست کاڌي، جڏهن ته هڪ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي. بي سي سي آءِ سيڪريٽري واضح ڪيو ته جائزي واري اجلاس ۾ رڳو ٽيم جي ڪارڪردگي ۽ خامين تي بحث ڪيو ويندو، ڪنهن به رانديگر بابت ذاتي يا ٻين معاملن تي ڳالهه نه ٿيندي.

ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، جنهن ۾ ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما پڻ ايڪشن ۾ نظر ايندا.

Share This Article
Leave a Comment