نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) ضلعي انتظاميا پاران تعلقي مورو ۾ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن، جتي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ گڏيل ڪارروائي ڪندي فلور مل تي ڇاپو هنيو.
اسسٽنٽ ڪمشنر نعيم وسطڙو ۽ فوڊ کاتي جي عملدارن حنا فلور مل تي ڪارروائي دوران 5 هزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪري ورتيون، جنهن کانپوءِ فلور مل کي فوري طور سيل ڪيو ويو.
انتظاميا موجب ڪڻڪ جي حفاظت لاءِ پوليس پڪٽ پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هٿ ڪيل ڪڻڪ کي فوڊ ڊپارٽمينٽ جي گودام ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.
اسسٽنٽ ڪمشنر نعيم وسطڙو جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل هدف تحت ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري آهن، ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني قدم کنيا ويندا.


