گمبٽ ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ٽئين ڏينهن به آپريشن، 4 گودام سيل

1 Min Read

گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) سنڌ حڪومت جي هدايتن ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جي حڪم تي ڪڻڪ جي ذخيره اندوزن خلاف ڪارروائين جو سلسلو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو. مختيارڪار گمبٽ ۽ خوراڪ کاتي جي عملدارن گڏيل ڪارروائي ڪندي چار گودام سيل ڪري ڇڏيا.

مختيارڪار گمبٽ جي اڳواڻي ۾ فوڊ عملدارن خليل ميمڻ، نديم شيخ ۽ نصير ميمڻ ڳوٺ ابوبڪر ماڇي ڀرسان ڪارروائي ڪندي واپاري عبدالقدوس شيخ جا چار گودام سيل ڪري ڇڏيا.

فوڊ کاتي جي عملدارن موجب سيل ڪيل گودامن ۾ غيرقانوني طور ڪڻڪ ذخيرو ڪئي وئي هئي، جنهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وئي.

عملدارن ٻڌايو ته چئني گودامن مان 1200 ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ آيون آهن، جيڪي ضبط ڪري سرڪاري گودام ۾ منتقل ڪيون وينديون، جڏهن ته واپاري کي سرڪاري مقرر ڪيل اگهه موجب ادائيگي ڪئي ويندي.

فوڊ کاتي موجب ڪڻڪ جي غيرقانوني ذخيري خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment