ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ، عالمي منڊي ۾ تيل مهانگو

2 Min Read

واشنگٽن / تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ عارضي جنگ بندي جو معاهدو ختم ٿيڻ بعد ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي خلاف وڏي پيماني تي فوجي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون آهن.
آمريڪي فوج پاران ايران جي ڪيترن ئي هدفن تي بمباري ڪئي وئي آهي، جنهن جي جواب ۾ ايران پاران به خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا آهن. هنن تازن حملن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب، آمريڪي فضائيه ۽ بحريه پاران ايران جي ڏاکڻي ساحلي علائقن ۽ هرمز لنگهه جي ويجهو ايراني فوجي ٺڪاڻن تي 100 کان وڌيڪ حملا ڪيا ويا آهن. آمريڪا جو چوڻ آهي ته اهي حملا عالمي واپاري جهازن جي تحفظ ۽ ايران جي حملو ڪرڻ واري صلاحيت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا آهن.

ٻئي طرف، ايران جي پاسدارانِ انقلاب پاران آمريڪي حملن جو سخت جواب ڏنو ويو آهي. ايراني اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته انهن جوابي ڪارروائي ڪندي قطر، ڪويت، بحرين ۽ اردن ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو آهي. ان سان گڏ ايران پاران هرمز لنگهه کي واپاري جهازن لاءِ بند ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو هو، جنهن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ انتهائي وڌي وئي آهي.

ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ ٻيهر ڀڙڪڻ ۽ هرمز لنگهه مان تيل جي رسد متاثر ٿيڻ جي خدشي سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه 4 سيڪڙو تائين وڌي ويا آهن.

برنٽ ڪروڊ جي قيمت وڌي 79 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي تيل جي قيمت به 74 ڊالر کان ٽپي وئي آهي.

معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اها ڇڪتاڻ برقرار رهي ته تيل وڌيڪ مهانگو ٿي سگهي ٿو، جنهن جو سڌو اثر عالمي معيشت تي پوندو.

Share This Article
Leave a Comment