بدين (رپورٽ: اسحاق شيخ) بدين ۾ آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ امپلائيز يونين جي مرڪزي صدر حليمه ذوالقرنين جي سڏ تي ليڊي هيلٿ ورڪرن پاران پريس ڪلب بدين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ليڊي هيلٿ ورڪرن جي حقن جي تحفظ ۽ صحت مرڪزن کي پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ واري فيصلي خلاف نعريبازي ڪئي.
مظاهري ۾ آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ امپلائيز يونين جون اڳواڻ عورتون، ايل ايڇ ايس انفارميشن سيڪريٽري خالدہ جمالي، ضلعي صدر رخسانه جمالي، خديجه جمالي سميت وڏي انگ ۾ ليڊي هيلٿ سپروائيزر ۽ ورڪرز شريڪ ٿيون.
احتجاج ڪندڙ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت، ويڪسينيشن، پوليو، ڪرونا وائرس ۽ ٻين بنيادي صحت سهولتن جي فراهمي لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن.
هنن چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوامي مشن جو حصو آهن، تنهنڪري کين پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ وارو فيصلو قبول ناهي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته احتجاج پنهنجي سينٽرن کان شروع ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن فيصلو واپس نه ورتو ويو ته مرڪزي قيادت سان گڏ بلاول هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن جو فيصلو آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ امپلائيز يونين ڪندي.


