لارڊز ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان روهت شرما پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي مستقبل بابت هلندڙ افواهن کي ” گوڙ” قرار ڏيندي چيو آهي ته هو اهڙين ڳالهين تي ڌيان نٿو ڏئي، سندس سمورو ڌيان صرف ميدان ۾ پنهنجي ٽيم لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي آهي.
انگلينڊ خلاف ٽئين ون ڊي ۾ 110 بالن تي شاندار 138 رنسون ٺاهڻ باوجود ڀارتي ٽيم 388 رنسن جو هدف حاصل نه ڪري سگهيو ۽ ميچ سان گڏ سيريز به هارائي وئي هئي.
ميچ کانپوءِ روهت شرما چيو ته، ” سندس ڪم بيٽنگ ڪرڻ، پنهنجي ملڪ ۽ ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ آهي. ڊيبيو کان وٺي منهنجي چوڌاري اهڙو شور رهيو آهي ۽ جيستائين ڪرڪيٽ کيڏندس، اهو جاري رهندو. مون لاءِ اهم ڳالهه اها آهي ته ميدان ۾ ٽيم جي ڪاميابي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريان.”
39 ورهين جي روهت شرما جي رٽائرمينٽ بابت افواهون ٻئي ون ڊي دوران سامهون آيون هيون، پر بي سي سي آءِ سيڪريٽري ديوجيت سائيڪيا انهن کي رد ڪندي چيو هو ته روهت جي آخري ميچ بابت ڪا به ڳالهه نه ٿي آهي.
ڀارتي ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪپتان شبمن گل پڻ رٽائرمينٽ جي خبرن کي رد ڪندي چيو ته ٽيم اندر اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي آهي ۽ روهت شرما کين ڪجهه به نه ٻڌايو آهي.
لارڊز ۾ کيڏيل ميچ روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي گڏيل طور ڀارت لاءِ 400هين بين الاقوامي ميچ هئي. ٻنهي ٻئي وڪيٽ لاءِ 113 رنسن جي اهم پارٽنرشپ قائم ڪئي، جنهن کي روهت پنهنجي ڪيريئر جي يادگار لمحن مان هڪ قرار ڏنو.


