ٽنڊو ڄام پوليس پاران هاف فراءِ ڪيل 3 نوجوان جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

2 Min Read

حيدرآباد ( رپورٽ: ذاڪر لغاري ) ٽنڊو ڄام پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ گرفتار ڄاڻايل ٽن نوجوانن کي سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 10 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت پوليس جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد ڪندي جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت زخمي نوجوانن جو علاج ڪرائڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو.

پوليس جي حراست ۾ پيش ڪيل نوجوانن ۾ ڄامشوري جا رهواسي اياز نوحاڻي، جنيد نوحاڻي ۽ سجاول گرگيز شامل آهن. وارثن موجب ٻن نوجوانن جو تعلق نائين ۽ ستين ڪلاس سان آهي.

عدالت آڏو نوجوانن الزام هنيو ته کين ڄامشوري مان ايندي رستي تان کنڀي اکين تي پٽيون ٻڌي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو، جتي ٽن ڏينهن تائين غيرقانوني طور قيد ۾ رکي سخت تشدد ڪيو ويو.

نوجوانن جو الزام آهي ته اي ايس آءِ عرفان بوزدار کين روڪي پئسا گهريا، نه ڏيڻ تي پهرين نسيم نگر ٿاڻي ۽ پوءِ سي آءِ اي سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي نڪ ۾ چوني وارو پاڻي وڌو ويو، هٿوڙن سان گوڏن تي وار ڪيا ويا ۽ جسم تي ڪرنٽ پڻ هنيو ويو.

سندن وڌيڪ چوڻ هو ته بعد ۾ پوليس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، جيڪا سندن موجب حقيقتن جي ابتڙ آهي.

نوجوانن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment