ملير: پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف عورتن جو يوسي آفيس آڏو احتجاج

1 Min Read

ملير(شاهد ڇڄڙو) ملير جي علائقي گھگھر ڦاٽڪ جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف عورتن يونين ڪائونسل آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ عورتن چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪندي يونين ڪائونسل آفيس ۾ موجود عملي کي ٻاهر ڪڍي آفيس کي تالا هڻي ڇڏيا.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي مهينن کان سندن ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي بند آهي، جنهن سبب رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر لاڳاپيل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن.

احتجاج ڪندڙ عورتن چيو ته هڪ سال کان پاڻي جي فراهمي معطل هجڻ سبب هو پري پري کان پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري روزاني زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته بنادير پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بحال ڪري تڪليفن کان بچايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment