حيدرآباد (ذاڪر لغاري) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) ضلعي حيدرآباد پاران غيرقانوني افغان پناهگيرن، ٻين غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي پنهنجن مطالبن تي ٻڌل يادداشت نامو پڻ پيش ڪيو.
اڳواڻن جان محمد جوڻيجو، حسن جوڻيجو، نورالله مگسي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني آبادڪاري سبب صوبي جي آباديءَ جي ڊيموگرافي، روزگار، امن امان ۽ قومي سڃاڻپ کي سنگين خطرا آهن.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته حيدرآباد سميت سڄي سنڌ مان غيرقانوني افغان پناهگيرن ۽ ٻين غيرقانوني پرڏيهين کي قانون موجب جلد سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي.
هنن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته غيرقانوني آبادڪاري روڪڻ لاءِ ضلعي انتظاميا، پوليس، نادرا، ايف آءِ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون گڏيل ڪارروايون تيز ڪيون وڃن.


