حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) 22 جولاءِ لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 4 رپيا 93 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 320 رپيا 73 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

ساڳئي ريت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 7 رپيا 15 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 367 رپيا 21 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

اوگرا موجب، نيون قيمتون 22 جولاءِ تي لاڳو هونديون. واضح رهي ته حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي روزاني بنيادن تي اگهن جي تعين واري نئين نظام لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هي ٻيو ڀيرو قيمتن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment