گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گڏيجي واسي ٻه نوجوان روزگار جي ڳولا لاءِ ڪراچي وڃڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويا، جڏهن ته وارثن سندن اغوا ٿيڻ جو شڪ ظاهر ڪندي اختيارين کان ڳولا جي اپيل ڪئي آهي.
وارثن موجب گڏيجي جا رهواسي اظهر سومرو ۽ انيس سومرو 16 ڏينهن اڳ روزگار جي سلسلي ۾ ڪراچي ويا هئا، جتان پوءِ ٻنهي سان هر قسم جو رابطو ختم ٿي ويو. سندن موبائل فون به مسلسل بند اچي رهيا آهن.
وارثن جو چوڻ آهي ته هنن ڪراچي سميت مختلف هنڌن تي پنهنجي طور تي ٻنهي نوجوانن جي گهڻي ڳولا ڪئي، پر اڃا تائين سندن ڪو به ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي. هنن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته شايد ٻنهي نوجوانن کي اغوا ڪيو ويو هجي.
وارثن حڪومت ۽ لاڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ٻنهي نوجوانن کي جلد کان جلد ڳولي محفوظ نموني گهر پهچايو وڃي.


