ڪراچي: وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق، صوبائي محتسب جو ڪاوڙ جو اظهار، مالي آڊٽ جو حڪم

3 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪلثوم ٻائي وليڪا اسپتال ۾ نياڻين ۽ ننڍي عمر جي ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس پکڙجڻ واري ڪيس ۾ وڌيڪ 16 ٻارن جي رپورٽ پوزيٽو اچڻ کانپوءِ نوان انڪشاف سامھون آيا آھن. ٻارن ۾ وائرس جي خطرناڪ حد تائين پکڙجڻ تي صوبائي محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسپتال جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو آهي.

محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي ٻڌڻي ۾ سيڪريٽري ليبر سنڌ ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر سيسي هادي بخش ڪلهوڙو، سينئر ميڊيڪل ائڊوائزر، فوڪل پرسن، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ۽ متاثر ٻارن جي والدين شرڪت ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڏنل بریفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته وڌيڪ نوان ڪيس سامھون اچڻ جو پڻ خدشو آهي.

متاثر ٻارن جي والدين اسپتال انتظاميا جي عدم سهڪار، دوائن جي کوٽ، علاج جي خرچن جي ادائيگي ۾ دير ۽ عملي جي بدتميزي واري رويي خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا.

صوبائي محتسب رمارڪس ڏيندي چيو ته ظاهري طور اسپتال جا خراب مالي معاملا ۽ بي ترتيبيون ئي ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جي پکڙجڻ جو بنيادي سبب بڻيون آهن.

صوبائي محتسب حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻن هفتن اندر ڪنهن ناميارِي آڊٽ ڪمپنيءَ جي چونڊ ڪري اسپتال جو مڪمل مالي آڊٽ ڪرايو وڃي.

اسپتال ۾ ضرورت موجب تربيت يافته عملو مقرر ڪيو وڃي ۽ ’سنڌ انفڪشس ڊزيز اسپتال‘ مان 6 مهينن لاءِ ماهر ڊاڪٽرن کي ڊيپوٽيشن تي آڻڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن.

دوائن، ڊائيٽ سپليمينٽس ۽ ٻين ضروري سامان جي بروقت فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي.

متاثر پورھيت والدين جي بحالي، فوت ٿي ويل ٻارن جي وارثن لاءِ معاوضي جي ادائيگي، متاثر ٻارن لاءِ نفسياتي مددي سهولتون ۽ آگاهي مهم جي شروعات ڪئي وڃي.

متاثر خاندانن جي رهنماﺋي ۽ شڪايتن لاءِ اسپتال اندر فوري طور تي هيلپ ڊيسڪ قائم ڪيو وڃي.

صوبائي محتسب سنڌ پاران لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment