خيرپور ناٿن شاهه ( رپورٽ: عبدالحميد چانڊيو ) خيرپور ناٿن شاهه ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، جڏهن ته چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته پوليس ڏوهارين خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ڦر ٿيل سامان جي رڪوري لاءِ به ڪي به نتيجا سامهون ناهن آيا.
ان سلسلي ۾ قلم ڌڻين جي سڏ تي شهر جي سياسي، سماجي، واپاري، دڪاندار تنظيمن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ هوري اسٽاپ کان ريلي ڪڍي علمدار چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آندو وڃي، ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي، ڏوهارين کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.


