ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس جا ٽئي گرفتار جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا

1 Min Read

ڪراچي: (آزاد ميراڻي) ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽئي جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا آهن.

ايس آءِ يو عملدارن موجب گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي گلشن معمار جي عمر بروهي ڳوٺ ۾ ڇاپو هنيو ويو.

عملدارن جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران جوابدارن جي ساٿين پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گرفتار ٽئي جوابدار مارجي ويا.

ايس آءِ يو موجب فائرنگ بعد جوابدارن جا ساٿي فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدارن ڪلفٽن ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڊاڪٽر آڪاش کي قتل ڪيو هو.

Share This Article
Leave a Comment