نوشهروفيروز (محمد عادل عباسي) هالاڻي ڀرسان قومي شاهراهه تي هٿياربندن ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي ٽرالر ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرالر کي هالاڻي ويجهو قومي شاهراهه تي هٿياربندن روڪي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊرائيور مزاحمت ڪئي ته جوابدارن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
مقتول جي سڃاڻپ مانجهند واسي اعجاز کوسو طور ٿي آهي، واقعي کانپوءِ وارث هالاڻي ٿاڻي پهچي ويا، جڏهن ته پوليس لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.


