مٽياري (عادل علي خشڪ) جسقم (شهيد بشير خان گروپ) پاران پريا ڪماري جي آزادي لاءِ مٽياري سٽي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي.
مظاهري جي اڳواڻي ضلعي صدر عابد حسين شاهاڻي، ضلعي نائب صدر دائود آرائين، بلاول وسير، جواد شيخ ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي دوران پوليس طرفان ڪيل تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.
هنن چيو ته اهڙي عملي سان سندن تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ بدران وڌيڪ طاقت ملندي.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سمورا لاڳاپيل ادارا پريا ڪماري کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي وارثن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرائين.


