ٽنڊوالهيار: پوليس جي مبينا ناانصافين خلاف ڳوٺاڻن جو روڊ بند ڪري احتجاج، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم

2 Min Read

ٽنڊوالهيار (خميسو دائوداڻي) ٽنڊوالهيار ڀرسان ڳوٺ حاجي نور محمد ٿيٻو جي رهواسين پاران پوليس جي مبينا ناانصافين خلاف ڪيريا شاخ باءِ پاس روڊ بند ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ ٽريفڪ سخت متاثر ٿي.

احتجاج دوران لال محمد ٿيٻو، فتح محمد ٿيٻو، امير محمد ٿيٻو، غلام شبير ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته ڊاسوڙي پوليس سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس اهلڪارن سول ڪپڙن ۾ سندن گاڏي روڪي ڦورن وانگر روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کسي ورتو ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا.

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس سندن گهرن ڀرسان مستقل پڪيٽ قائم ڪري ڇڏيو آهي ۽ جڏهن هو پنهنجي رقم ۽ سامان جي واپسي جو مطالبو ڪن ٿا ته کين وڌيڪ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون.

احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندن خلاف داخل ڪيل مبينا ڪوڙا ڪيس ختم نه ڪيا ويا ۽ ڦريل رقم ۽ سامان واپس نه ڪيو ويو ته هو احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌائيندا. ٻئي پاسي ڊي ايس پي سي آءِ اي اصغر هاليپوٽو ۽ ٻين پوليس عملدارن ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون، جنهن کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment