بخشاپور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، جوابدار فرار

1 Min Read

ڪشمور/بخشاپور: (رپورٽر) بخشاپور جي 109 آر ڊي ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار ادو جکراڻي پنهنجي ننهن شمينا جکراڻي ۽ نوجوان علي باغ عرف ياري جکراڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

پوليس موجب نوجوان علي باغ جو لاش ڪجهه وقت تائين واقعي واري هنڌ تي پيل رهيو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment