ٿرپارڪر سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات جي اڳڪٿي

1 Min Read

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني هوائن، مٽيءَ جي طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسمي اڳڪٿي موجب، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ مٽيءَ جي طوفان سبب نقصان جو خدشو به ظاهر ڪيو ويو آهي.

پي ڊي ايم اي سنڌ موجب، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٽنڊو محمد خان سميت ٻين ضلعن ۾ گجگوڙ سان برسات جا امڪان آهن، جڏهن ته حيدرآباد، ڄامشورو، نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ ٻين علائقن ۾ به وسڪاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي انتظاميا کي الرٽ رهڻ، پاڻي جي نيڪال ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي.

Share This Article
Leave a Comment