لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب ٽريفڪ پوليس جي وردي ٻيهر تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهر جي ٽريفڪ پوليس لاءِ متعارف ڪرايل نئون يونيفارم هڪ سال به برقرار نه رهي سگهيو.
پوليس ذريعن موجب، هاڻي اڇي قميص/شرٽ ۽ نيري پينٽ/شلوار بدران بلش گري رنگ جي وردي اختيار ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب پيٽرول هاءِ وي پوليس پنهنجي موجوده وردي جو نمونو برقرار رکندي ۽ ان ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي.


