خيرپور: (شڪيل جانوري) سول اسپتال خيرپور ۾ رات دير سان هڪ 10 ورهين جي ٻار کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، جڏهن ته وارڊ ۾ موجود ماڻهن عورت کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، پيرڳوٺ جي نوجوان صحافي سراج احمد مڱريو جو 10 ورهين جو پٽ عبدالرحيم مڱريو اسپتال جي وارڊ ۾ ننڊ ستل هو، جنهن کي هڪ عورت کڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
ان موقعي تي ڀرسان بيڊ تي موجود هڪ مريض عورت ٻار کي کڻندي ڏسي رڙيون ڪيون، جنهن تي ٻار جي والد سراج احمد مڱريو ۽ وارڊ ۾ موجود ماڻهن عورت کي پڪڙي ورتو.
بعد ۾ عورت کي پوليس حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب عورت جي سڃاڻپ قمبر شهدادڪوٽ جي رهواسڻ نورجهان زال عطاءُ الله چانڊيو طور ٿي آهي.
واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


