لاڙڪاڻي ۽ پير جو ڳوٺ ۾ 7 ٻار ٻڏي فوت، وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس ورتو

1 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۽ پير جو ڳوٺ ۾ 7 ٻارن جي ٻڏي فوت ٿيڻ جي واقعن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

وڏي وزير انهن واقعن کي انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ قرار ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي هدايت ڪئي آهي ته متاثر خاندانن سان هر ممڪن سهڪار ڪيو وڃي.

مراد علي شاهه چيو ته والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن جي نگراني ڪن، ڇو ته اها سندن پهرين ۽ اهم ذميواري آهي.

هن فوت ٿيل ٻارن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوم ٻارن کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن وارثن کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جي همت عطا فرمائي.

Share This Article
Leave a Comment