مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ ميرپور ڊويزن جي 13 تڪن مان 11 جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا آهن. انهن موجب مسلم ليگ (ن) 7 تڪن تي ڪاميابي ماڻي آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي 4 تي ڪامياب ٿي آهي. باقي 2 تڪن تي ن ليگ کي سرسي حاصل آهي.
اليڪشن ڪميشن هن وقت تائين سرڪاري طور رڳو 3 تڪن جا نتيجا جاري ڪيا آهن.
تڪ وار نتيجا
ايل اي-1 ڊڊيال:
مسلم ليگ (ن) جو چوڌري اظهر صادق 15,427 ووٽ کڻي ڪامياب، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي چوڌري افسر شاهد 9,832 ووٽ کنيا.
ايل اي-2:
پيپلز پارٽي جو قاسم مجيد 12,904 ووٽن سان ڪامياب، مسلم ليگ (ن) جي عظيم بخش چوڌري 8,182 ووٽ حاصل ڪيا.
ايل اي-3:
پيپلز پارٽي جو ياسر سلطان 12,590 ووٽن سان سوڀارو، مسلم ليگ (ن) جي چوڌري محمد سعيد 11,081 ووٽ کنيا.
ايل اي-4:
مسلم ليگ (ن) جو چوڌري رخسار احمد 20,172 ووٽن سان ڪامياب، پيپلز پارٽي جي چوڌري صهيب ارشد 13,865 ووٽ کنيا.
ايل اي-5 برنالا:
176 مان 175 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جو ڪرنل (ر) وقار احمد نور 29,875 ووٽن سان اڳڀرو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي چوڌري پرويز اشرف 29,143 ووٽ حاصل ڪيا. آخري نتيجو جاري ناهي ٿيو.
ايل اي-6 سماهني:
ووٽ ساڙڻ واري واقعي سبب نتيجو جاري نه ٿي سگهيو. غير حتمي نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جو چوڌري محمد رزاق 23,923 ووٽن سان اڳڀرو، جڏهن ته آءِ پي پي جي علي شان سوني 12,492 ووٽ حاصل ڪيا. علي شان سوني کي ووٽ ساڙڻ ۽ پولنگ اسٽيشن تي حملي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو.
ايل اي-7:
مسلم ليگ (ن) جو چوڌري طارق فاروق 35,490 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته اڳوڻو وزيراعظم چوڌري انوار الحق 25,100 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
ايل اي-8:
پيپلز پارٽي جو ظفر اقبال ملڪ 19,535 ووٽن سان ڪامياب، مسلم ليگ (ن) جي ملڪ محمد نواز خان 11,966 ووٽ ورتا.
ايل اي-9:
مسلم ليگ (ن) جو عمير نعيم 31,037 ووٽن سان ڪامياب، پيپلز پارٽي جي جاويد اقبال بڍانوي 28,507 ووٽ حاصل ڪيا.
ايل اي-10:
پيپلز پارٽي جو صدر چوڌري محمد ياسين 12,421 ووٽن سان ڪامياب، مسلم ليگ (ن) جي فاتح محمود الحسن 9,063 ووٽ کنيا.
ايل اي-11:
مسلم ليگ (ن) جو راجا محمد آصف 26,190 ووٽن سان ڪامياب، پيپلز پارٽي جي چوڌري محمد اخلاق 21,751 ووٽ حاصل ڪيا.
ايل اي-12:
اليڪشن ڪميشن جي فارم 26 موجب مسلم ليگ (ن) جو راجا رياست خان 35,168 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي چوڌري محمد ياسين 30,320 ووٽ کنيا.
ايل اي-13:
مسلم ليگ (ن) جو راجا اياز احمد خان 21,728 ووٽن سان ڪامياب، آءِ پي پي جي انصر ابدالي 15,648 ووٽن سان ٻئي ۽ پيپلز پارٽي جو وليد انقلابي 14,386 ووٽن سان ٽئين نمبر تي رهيا.
اڳوڻو وزيراعظم چوڌري انوار الحق پنهنجي تڪ تان شڪست کائي ويو.
پيپلز پارٽي جو صدر چوڌري محمد ياسين پنهنجي اباڻي تڪ تان هارائي ويا، پر ٻئي تڪ تان ڪامياب ٿي ويو.
ايل اي-5 ۽ ايل اي-6 جا حتمي نتيجا اڃا جاري نه ٿيا آهن، جڏهن ته ٻنهي تڪن تي مسلم ليگ (ن) کي سرسي حاصل آهي.


