ڌانڌلي جي پيداوار ماڻهو سدائين ڌانڌلي ذريعي اقتدار ۾ آيا آهن: بلاول ڀٽو جي ن ليگ تي تنقيد

2 Min Read

مظفر آباد  ( ويب ڊيسڪ ) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري مسلم ليگ (ن) جو نالو وٺڻ کان سواءِ سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهي ماڻهو نسل در نسل ڌانڌلي جي پيداوار آهن، هميشه ڌانڌلي وسيلي اقتدار ۾ ايندا رهيا آهن.

مظفرآباد ۾ پيپلز پارٽي جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ جو جلسو ڏسي لڳي ٿو ته 2 آگسٽ تي تير جي ڪاميابي پڪي آهي. اسان ٽن نسلن کان ڪشمير جي جدوجهد کي عالمي سطح تي اجاگر ڪندا پيا اچون.

هن وڌيڪ چيو ته اهي سمجهن ٿا ته آزاد ڪشمير ۾ به ڌانڌلي ڪري اقتدار حاصل ڪري سگهندا، پر اسان کين ڪشمير ۾ ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏينداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انهن جو پهريون وڏو وزير پنجاب به ڌانڌلي وسيلي بڻيو ۽ سندن وزيراعظم به آر او اليڪشن جي نتيجي ۾ آيو. پيپلز پارٽي سندن ڌانڌلين باوجود عوامي طاقت سان اقتدار تائين پهچي ٿي. مظفرآباد جا ماڻهو سندن سازش کي ناڪام بڻائيندا.

هن چيو ته جتي عوام جي ووٽ جي طاقت سان اسان کي شڪست ملندي، اتي اسين دل سان نتيجو قبول ڪنداسين، پر چوري ٿيل چونڊون هرگز قبول نه ڪنداسين.

بلاول ڀٽو الزام هنيو ته چوڌري ياسين جي آبائي تڪ ۾ 30 پولنگ اسٽيشنن تي قبضا ڪري ٺپا هنيا ويا. اسان چوڌري ياسين جي شڪست قبول نٿا ڪريون، مون وٽ انهن 30 پولنگ اسٽيشنن بابت ثبوت موجود آهن. جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ان ڌانڌلي ۾ ملوث ناهي ته جن پولنگ اسٽيشنن تي ڌانڌلي ٿي آهي، اتي فوري طور ٻيهر پولنگ ڪرائي وڃي.

چيئرمين پيپلز پارٽي وڌيڪ چيو ته مان ڪشمير جي عوام سان واعدو ڪريان ٿو ته اوهان جي چوري ٿيل هر هڪ سيٽ واپس وٺي ڏيندس. پيپلز پارٽي ڪشمير جي عوام کي حقِ ملڪيت ڏيارڻ چاهي ٿي، ۽ اهي حق بندوق جي زور تي نه، پر چونڊون کٽي حاصل ڪنداسين.

Share This Article
Leave a Comment