راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل سيد عامر رضا اربع ڏينهن پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ايئر فورس جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، جنرل سيد عامر رضا جي بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو سان ملاقات ٿي.

آءِ ايس پي آر موجب، بحريه ۽ فضائيه جي سربراهن جنرل سيد عامر رضا کي نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي پهرين ڪمانڊر طور ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.
ملاقات دوران پيشيوراڻن معاملن، قومي سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي وارن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.


