اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف سان ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سرڪاري پڌرائي موجب، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير دفاع، واپار، قومي خوراڪ تحفظ، مواصلات، بحري معاملن، پيٽروليم ۽ وزيراعظم جا صلاحڪار پڻ شريڪ هئا.
وزيراعظم شهباز شريف، ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ۽ ولي عهد شيخ صباح الخالد لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جا لاڳاپا گڏيل قدرن، باهمي اعتماد ۽ پراڻن برادرانه رشتن تي ٻڌل آهن، ۽ ٻنهي ملڪن هر ڏکئي توڙي خوشي جي موقعي تي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي.
ملاقات دوران علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم، ڪويت جي قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو ورجائيندي وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار دوران ڪويت ۽ ٻين ڀائراڻن نار ملڪن تي ٿيندڙ حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام لاءِ هڪ ايماندار، مخلص ثالث ۽ سهولتڪار طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ٿيندڙ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، زراعت، آءِ ٽي، بحري معاملن ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
هن ڪويت ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي ميزباني تي ڪويتي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ڪويت جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو.
سرڪاري پڌرائي موجب، ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح وزيراعظم کي ڪويتي قيادت پاران نيڪ تمنائن جو پيغام پهچايو ۽ باهمي مفاد وارن سڀني شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
هن موجوده علائقائي بحران جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ بابت پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ ڏکين حالتن ۾ ڪويت سان پاڪستان جي اٽل حمايت تي پاڪستاني قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.
ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل مشاورت ۽ ويجهن رابطن جي اهميت تي زور ڏنو، جڏهن ته مستقبل ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي ڏي وٺ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف، ڪويت جي ولي عهد کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ورجائي.


