تهران: ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڪويت ۾ موجود آمريڪي علي السالم ايئر بيس تي حملي دوران ٻه ڊرون هينگر ۽ فوجي جهازن ۽ هيليڪاپٽرن لاءِ استعمال ٿيندڙ فيول ڊپو تباهه ڪري ڇڏيا آهن.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، پاسدارانِ انقلاب بيان ۾ چيو آهي ته ڪويت جي عوام کي نشانو بڻائڻ سندن مقصد ناهي، جڏهن ته دعويٰ ڪئي وئي آهي ته علائقي مان آمريڪي فوجن جي واپسي تائين اهڙا حملا جاري رهندا.


