نوشهروفيروز(محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز ڀرسان نورپور وٽ تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ مسافر فوت ٿي ويو، جڏهن ته 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
حادثي جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمين کي ضلعي اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو، جتي کين هنگامي طبي امداد فراهم ڪئي وئي. زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه ۽ گمبٽ جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ فوت ٿيندڙ جي سڃاڻپ فاروق احمد چنا طور ٿي آهي، جيڪو ڳڙهي خيرو، ضلعي شڪارپور جو رهواسي هو، زخمين ۾ مسمات زرينه، علي محمد، امير بخش، واحد بخش ۽ ٻيا شامل آهن.
پوليس موجب بلال ڪوچ شڪارپور کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته نورپور ڀرسان سامهون ويندڙ ٽرالر سان پٺيان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب هي حادثو پيش آيو.


