مٽياري (عادل علي خشڪ): ٽياري ڀرسان قومي شاهراهه تي ڀٽ شاهه جي ميلي تان حيدرآباد واپس ويندڙ موٽر سائيڪل سوار نوجوان حادثي جو شڪار ٿي فوت ٿي ويو.
پوليس موجب، ڀٽ شاهه جي ميلي تان موٽندڙ ڪجهه نوجوان موٽر سائيڪلن تي تيز رفتاري ۽ ريسنگ ڪري رهيا هئا ته ان دوران هڪ موٽر سائيڪل سلپ ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
پوليس فوتي جي سڃاڻپ محمد عظيم طور ڪئي آهي، جيڪو حيدرآباد جو رهواسي هو.
پوليس موجب، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


