نوشهرو فيروز: ڌيءَ وٽ مهمان آيل 65 ورهين جي عورت مبينا اتفاقي گولي لڳڻ سبب مارجي وئي

1 Min Read

نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) ڀريا ڀرسان ڳوٺ غازي خان تڳر ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي ڌيءَ وٽ گهمڻ ويل 65 ورهين جي عورت مبينا طور اتفاقي گولي لڳڻ سبب مارجي وئي.

فوتي عورت جي سڃاڻپ ڳوٺ جيئندو ڪلهوڙو جي رهواسڻ حاڪم زادي، زال محمد هارون ڪلهوڙو طور ٿي آهي.

پوليس موجب عورت پنهنجي ڌيءَ وٽ ڳوٺ غازي خان تڳر ويل هئي، جتي 12 ورهين جي ڏوهٽي محمد راشد کان مبينا طور اتفاقي طور گولي هلڻ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سخت زخمي ٿي ۽ موقعي تي ئي فوت ٿي وئي.

واقعي بعد فوتي عورت جي وارثن ميڊيا آڏو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ضلعي اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته اصل حقيقتون جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سامهون اينديون.

Share This Article
Leave a Comment