قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو کي اين سي سي آءِ طلب ڪري ورتو

1 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي  کي طلب ڪري ورتو آهي.

نوٽيس موجب رياست مخالف معاملي جي جاچ دوران اياز لطيف پليجي کي 10 آگسٽ 2026 تي منجهند 3 وڳي ڪراچي جي گلستانِ جوهر ۾ واقع اين سي سي آءِ اي آفيس ۾ اصل سڃاڻپ ڪارڊ  سان گڏ ذاتي طور پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غيرحاضري جي صورت ۾ قانون موجب ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي.

هن وقت تائين اين سي سي آءِ اي يا اياز لطيف پليجي طرفان هن نوٽيس بابت ڪا باضابطه تصديق يا ردعمل سامهون ناهي آيو.

Share This Article
Leave a Comment