مير رضا ڪيس: پراڻي جاچ ٽيم ختم، نئين 4 رڪني ٽيم جوڙڻ جو فيصلو

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر مان مير رضا جو لاش ملڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، والدين جي بي اعتمادي کانپوءِ ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل پراڻي ٽيم کي هٽائي نئين 4 رڪني ٽيم جوڙي وئي آهي.

آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو موجب، ڊي آءِ جي ڪرائم برانچ عامر فاروقي نئين ٽيم جو سربراهه هوندو. ٽيم ۾ ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر، ايس پي انويسٽيگيشن ڪورنگي قيس خان ۽ ايس پي انويسٽيگيشن سينٽرل انعم شامل آهن.

جاويد عالم اوڍو چيو ته شروعاتي طبي رپورٽ اچڻ کانپوءِ پراڻي ٽيم کي جاچ تان هٽايو ويو، مير رضا ڪيس جي شفاف جاچ ڪئي ويندي ۽ نئين ٽيم جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.

ان کان اڳ ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير شيخ، ايس ايس پي ايس آءِ يو سميع الله سومرو ۽ ٻين آفيسرن کي به ڪيس جي جاچ تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. مير رضا جي والدين پراڻي جاچ ٽيم تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو هو.

Share This Article
Leave a Comment