نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي نون صوبن جي معاملي تي مضبوط مزاحمت جي پوزيشن ۾ ناهن: سهيل وڙائچ

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي سهيل وڙائچ پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته سياست ۾ جڏهن ٻئي ڌريون طاقتور هجن ته پنهنجي موقف ۽ حق لاءِ وڙهي سگهن ٿيون، پر هڪ ڌر طاقتور ۽ ٻي ڪمزور هجي ته وقت ٽارڻ ۽ بهانا ڪرڻ جو رواج بڻجي ويندو آهي.

هن چيو ته ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي جماعتون نون صوبن ٺاهڻ جون مخالف ته آهن، پر غلام محمد بنديال وانگر وڙهڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. مفادن ۽ نقصانن سبب اهي وقت ٽارڻ کي بهتر حڪمت عملي سمجهن ٿيون.

سهيل وڙائچ موجب، نون ليگ چاهي ٿي ته پيپلزپارٽي پهريان مزاحمت ڪري، جڏهن ته پيپلزپارٽي چاهي ٿي ته نون ليگ جوش سان اڳتي اچي. ڏسڻو اهو آهي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي.

Share This Article
Leave a Comment